سپني کان سهڻي ساڀيان

سپني کان سهڻي ساڀيان

سپني کان سهڻي ساڀيان

سپني کان سهڻي ساڀيان (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ شاعر تنوير عباسيءَ جي تقريرن ۽ ليڪچر جو مجموعو آهي، جيڪو ارپنا پبليڪيشن، خيرپور جي جئرامداس ڏيوناڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ تنوير عباسيءَ جون هيٺيون تقريرون، مضمون ۽ ليڪچر شامل آهن: (1) صوفـي، سـنڌ ۽ مـوسـيـقـي، (2) شاهه لطيف تي توسيعي ليڪچر، شاهه جي شاعريءَ ۾ موسيقيت، (4) سپني کان سهڻي ساڀيا (اياز گل جي ڪتاب بن ڪهڙا ڇانورا'>تو بن ڪهڙا ڇانورا) جي مهورت وقت ڪيل صدارتي تقرير، (5) سنڌي ادبي سنگت، تاريخ ۽ ڪردار، (6) نوجوان (سنڌ جو روشن مستقبل، (7) لفظن جي حرمت کي قائم رکندڙ شاعر: اياز گل، (8) منهنجو ٻانهن ٻيلي، محمد علي حداد، (9) مرڻو هر ڪنهن کي آهي (ادل سومري جي سالگرهه ۾ ڪيل تقرير)، (10) سنڌي اديب جو ڪردار ۽ سنڌي ادبي سنگت، (11) اهل دل ڪامورو عبدالقادر منگي، (12) ڪلهوڙو ۽ طنز و مزاح (غلام رسول ڪلهوڙي جي تحريرن بابت)، (13) ايندڙ ٽهيءَ کي سلام (ادل سومري سان ملهايل شام ۾ تقرير)، (14) لفظن جو مصور: انيس انصاري، (15) تاريخ ڳالهائي ٿي (خيرپور جي تاريخ بابت تقرير).
ڊيمي سائيز جي 83 صفحن جو هي ڪتاب 2002ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 70 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو